جلال محمد مخدوم

جلال محمد مخدوم: مخدوم جلال محمد وڏو عالم، فاضل ۽ ولي، مخدوم محمد معين ٺٽويءَ جو صحبتي ۽ همعصر هو، هو وڏو مدرس، فقيهه، عالم، نجوم ۽ طب جي علمن جو ڄاڻو هو. اٿڻي ويهڻيءَ ۾ سادو هو. مير علي شير قانع ٺٽوي هن بابت تحفة الڪرام ۾ لکي ٿو ته: ”مخدوم جلال محمد وڏو عالم، تقرير ۽ تحرير جو ڌڻي، پنهنجي زماني ۾ بينظير ٿي گذريو آهي، هن جهڙو سڀني علمن جو جامع ٻيو ڪو نه هو. ”مخدوم محمد معين ٺٽوي، مخدوم جلال محمد کي اڪثر عالمن تي نهايت فوقيت ڏيندو هو، هو عالم هو پر نجوم ۽ طب ۾ بقراط ثاني ۽ بو علي اول هو. ايڏي ڪمال جي درجي تي هوندي به عام ماڻهن وانگر نهايت سادگيءَ سان زندگي گذاريندو هو ۽ دولتمندن کي پاڻ ڏانهن متوجهه ٿيڻ جو موقعو نه ڏيندو هو. ٿورا سال ٿيندا جو گذاري ويو آهي“. مير علي شير قانع، تحفة الڪرام 1181هه/1767ع ۾ مڪمل ڪيو ۽ مخدوم جلال محمد جي وفات 1172هه/ 1758ع ۾ ڄاڻائي وئي آهي، پر پير حسام الدين راشدي هن جي رحلت جو سال 76-1177هه/ 1762ع ڄاڻايو آهي


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1758.00.00  عيسوي

مير علي شير قانع ، تحفة الڪرام 1181هه/1767ع ۾ مڪمل ڪيو ۽ مخدوم جلال محمد جي وفات 1172هه/ 1758ع ۾ ڄاڻائي وئي آهي ، پر پير حسام الدين راشدي هن جي رحلت جو سال 76-1177هه/ 1762ع ڄاڻايو آهي


1172.00.00  هجري

مير علي شير قانع ، تحفة الڪرام 1181هه/1767ع ۾ مڪمل ڪيو ۽ مخدوم جلال محمد جي وفات 1172هه/ 1758ع ۾ ڄاڻائي وئي آهي ، پر پير حسام الدين راشدي هن جي رحلت جو سال 76-1177هه/ 1762ع ڄاڻايو آهي



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

الهوسايو شيدي
سر سيد احمد خان
ٻلديو گاجرا
راجسٿاني عبدالهادي
اثير عبدالقادر شاهواڻي
پرمانند ميوارام
توتان
فاروق بجاراڻي
لالچند امرڏنو مل جڳتياڻي
شيخ عبدالوهاب
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون